ٽنڊوآدم (ن پ ا)  ٽنڊي آدم ۾ وياجي جي ڪاروبار خلاف سنڌ پاڪ تحريڪ جي سڏ تي شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن محمدي چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي  غلام سرور ابڙو ، الطاف حسين جوڻيجو ايڊوڪيٽ، ڪامريڊ محمد خان پنهور، راشد خان ايڊوڪيٽ ۽ ٻين دانيهندي چيو ته  شھر ۾ غير قانوني طور ڌاريا ماڻهو سري عام وياج جو ڪاروبار ڪن ٿا، ڪيترائي ماڻهو وياجين هٿان قرضي ٿي ويا آهن،  ماڻھو نفسياتي مريض بڻجي ويا آھن، وياجين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.