ٺٽو ( رپورٽر ) سنڌ جي ناليواري صوفي شاعر سيد شاهه شريف ڀاڏائي جي عرس جي موقعي تي ” شاهه شريف ڀاڏائي ادبي ڪانفرنس ” گهوڙاٻاري لڳ ڳوٺ سيد علي گوھر شاهه ڀاڏائي ۾ ٿي گذري ڪانفرنس جي صدارت  جسم اڳواڻ رياض علي چانڊيو ڪئي جڏهن ته درگاهه جي گادي نشين  سيد نواز شاهه ڀاڏائي، سيد نياز علي شاهه ڀاڏائي  اسماعيل ناز نوتڪاڻي غلام نبي کٽي  سيد سرور شاهه ڀاڏائي شاعر اديب محبوب درس پ ٽ الف جي مرڪزي اڳواڻ شڪور سارنگ شاعر ايوب درس محفوظ سنڌي اشرف جوکيو نادر شاهه ربڏنو شاهه سيد ملوڪ شاهه شبير شاهه سيٺ عبدلعزيز سميت وڏي انگ ۾ شاعرن ، اديبن ، ليکڪن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. جسم اڳواڻ رياض علي چانڊيو سنڌ جي حالتن تي ڳڻتي ظاھر ڪندي چيو ته بدلجندڙ حالتن ۾ شاهه شريف ڀاڏائي ۽ شاهه لطيف جي فڪر تي عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي.  شاهه شريف ڀاڏائي جي شاعري ۾ بغاوت ۽ ڏاڍ جو انڪار آھي. اسان جي صوفي بزرگن ۽ ڪلاسيڪل شاعرن عدم تشدد برداشت رواداري سان گڏ حق جي راھ ۾ جھدوجھد ڪرڻ جو درس ڏنو آھي هن چيو ته سنڌ کي ھٿ وٺي تباه پيو وڃي جڏهن ته ادبي ڪانفرنس کي درگاهه جي گادي نشين سيد نواز شاهه ڀاڏائي خطاب ڪندي چيو ته ڏاڏا سائين شاهه شريف ڀاڏائي ھڪڙو انقلابي شاعر ۽ وطن پرست صوفي ھو جنھن لطيف جي پيغام کي اڳتي وڌايو ھي واحد درگاھ آھي جتي گادي نشين جي چندي جي پيتي ناھي رکيل. ان موقعي تي ڀلوڙ لوڪ فنڪار عرس چانڊيو جي پٽن دلبر عرس چانڊيو راجا عرس چانڊيو صوفي راڳي فقير عرس مگسي دلدار مگسي عرس ڪارندو ۽ جھوني فنڪار پيرو ملاح پنھجي فن جو مظاھرو ڪري داد وصول ڪيو.