اسلام ڪوٽ (ن پ ا) ٿر جي ڪوئلي مان بجلي ٺهي ملڪ کي روشن ڪري رهي آهي، اُتي ٿر جي ماڻهن وٽ بجلي  نه هجڻ به غلط ڳالھه آهي، جتان به بجلي جي لائين گذري ٿي، انهي ڳوٺ کي لائيٽ جي سهوليت ڏياري ويندي،   جتان روڊ گذرن  ٿا ويجهن ڳوٺن کي روڊ ڏياريا ويندا، ان لاءِ مون  پنج رڪني ڪاميٽي جوڙي آهي، جيڪا سموري تعلقي جي سروي ڪري هڪ رپورٽ ٺاهي ڏيندي،  اهڙواظهار پاڪستان هندو ڪائونسل جي پيٽرن ان چيف  ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي اسلام ڪوٽ ۾ وانڪواڻي هائوس تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو.