ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ برسات دوران شھر ٻڏڻ کان بچائڻ لاءَ انتظاميا پاران عارضي طور کوٽايل سم نالي تي ڏهاڙي تي مقرر ڪيل اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ 13 ڄڻن کي گذريل چئن مهينن کان پگهار نه ڏني وئي آهي، ان ڏس ۾ جسقم پاران الهداد مري، شبير ڪوريجو، ارشاد بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ متاثر پورهيتن سان گڏجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن چيو ته 4 مهينا گذرڻ باوجود اڃا تائين پگهارون ناهن ڏنيون ويون، جنهن سبب سندن گهرن اندر فاقه ڪشي واري صورتحال آهي، هنن پگهارو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.