قمبر/ نصيرآباد (نمائندن وٽان) قمبر ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس پرائمري استادن 9 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف شھداءَ چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. ان موقعي تي شايان شيخ، عمران چانڊيو، امتياز مغيري، امجد گوپانگ ميڊيا کي ٻڌايو ته اپريل ۾ قمبر تعلقي جي هڪ سئو کان وڌيڪ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن  کي آفر آرڊر ڏئي مختلف اسڪولن ۾ مقرر ڪيو ويو، پر هن وقت تائين سموريون قانوني گهرجون پوريون هجڻ باوجود پگهارون جاري نه پيون ڪيون وڃن. هوڏانهن نصيرآباد ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف مهراڻ چنجڻي، فرحان ڪانڌڙو، مشتاق جوڻيجو ۽ ڪامران گوپانگ جِي اڳواڻي ۾ نصيرآباد ٽائون حال اڳيان ڌرڻو هڻي اٺين ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي.