ٽنڊو مستي (ن پ ا) ٽنڊو مستي ويجهو گھر اندر پکو ٺاھيندي  ڪرنٽ لڳڻ  سبب نوجوان فوت ٿي ويو. خبر موجب ٽنڊو مستيءَ ويجهو ڳوٺ نارو ڍورو ۾ نوجوان نثار احمد پٽ محمد سچل خاصخيلي گهر اندر پکو ٺاهي رهيو هو ته اوچتو ڪرنٽ لڳڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جو لاش ڪوٽڏيجي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.