نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو شهر جي رائيس ڪئنال ريگيوليٽر مان نامعلوم شخص جو لاش هٿ آيو. ريگيوليٽر جي دروازي ۾ لاش ڦاٿل ڏسي آبپاشي عملي پاران نئون ديرو ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو، پوليس مقامي ماڻهن جي مدد سان لاش ٻاهر ڪڍرائي نئون ديرو اسپتال پهچايو. لاش پاڻي ۾ پيل هجڻ ڪري ڳريل حالت ۾ هو ۽ سڄي بدبودار ٿي ويو هو جنهن کي ڪارا ڪپڙا پهريل هئا. لاش نئون ديرو اسپتال ۾ پيل هو.