ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ حسين اوٺو ۾ 18 سالن جي نوجوان عارب پٽ احمد اوٺو جو گهرن ڀرسان زمين تي بيٺل وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو آهي. اطلاع ملڻ تي ٽنڊوباگو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو کڻائي آئي. فوتي نوجوان جي چاچي محمد سندس ڀائٽي جي قتل جو شڪ ظاهر ڪندي چيو ته نوجوان کي مارڻ کان پوءِ لاش کي وڻ ۾ ٽنگي ويو. فوتي نوجوان جي والدين توڙي ٻين گهرڀاتين پاران ڪو به ڪيس داخل نه ڪرايو ويو آهي. تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو جي ايم ايس ڊاڪٽر اسلم ڀرڳڙي ٻڌايو ته فوتي نوجوان جي جسم تي ڪنهن به قسم جي تشدد وغيره جا نشان ڏسڻ نه آهن، صرف ڳچيءَ تي رسي جو نشان موجود آهي. پوسٽ مارٽم ڪري جزا ليبارٽري موڪليا آهن، رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ خبر پوندي. ٻئي طرف ٽنڊوباگو ٿاڻي جي وڏي منشي علي حسن جمالي ٻڌايو ته نوجوان گهرن ڀرسان زمين تي وڃي وڻ ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي. فوتي جي والد ان حوالي سان رپورٽ داخل نه ڪرائي آهي. پوليس پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو.