جاتي (ن پ ا) جاتيءَ ويجهو ڳوٺ محمد ٺاراڻيءَ ۾ نائين ڪلاس جي شاگرد 14 سالن جي مرتضيٰ پٽ علي حسن ٺاراڻي کي بدفعليءَ جو نشانو بنائڻ جو واقعو پيش آيو آهي. نينگر جي وارثن مطابق ٻن هَوس پرستن نينگر کي رستي تان کنڀي کڻي ساڻس بدفعلي ڪئي، بعد ۾ کيس بيهوشيءَ جي حالت ۾ ماليھه موري وٽ ڇڏي جوابدار فرار ٿي ويا. اهڙي واقعي جو اطلاع ملڻ تي ڳوٺاڻن ۽ وارثن نينگر کي کڻي تعلقي اسپتال پهچايو. واقعي جو طلاع ملڻ تي جاتي پوليس اسپتال پهچي نينگر ۽ وارثن جا بيان رڪارڊ ڪيا. آخري اطلاعن تائين واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا هئا.