بدين (رپورٽر ) بدين جي ايس ايس پي آفيس ۾ پسٽل سميت داخل ٿيندڙ عورت کي حراست ۾ ورتو ويو. گذريل ڏينهن ايس ايس پي آفيس ۾ داخل ٿيندڙ عورت زليخان چانگ کي ليڊي پوليس اهلڪارن حراست ۾ وٺي تلاشي ورتي ته سندس قبضي مان پسٽل هٿ آيو. بعد ۾ ڄاڻايل عورت کي لائسنس ڏيکارڻ تي آزاد ڪيو ويو.