ٽنڊوالهيار (رپورٽر)   ٽنڊوالهيار شهر ويجهو مگسي پارڪ وٽ انٽيليجنس سي ٽي ڊي حيدرآباد ڪارروائي ڪري دهشتگردن  جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو. ٽنڊوالهيار پوليس بيخبر رهي. ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ڪارروائي دوران 2 دهشتگرد گرفتار ڪري سندن قبضي مان بارودي مواد مختلف نيٽورڪ جا سم ڪارڊ ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. حيدرآباد سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر موجب سي ٽي ڊي پوليس موبائيل ۾ سوار ٿي نظرداري لاء نڪتاسين ته حيدرآباد فتح چوڪ کان ٿيندا ٽنڊوڄام ۽ جڏهن ٽنڊوالهيار ۾ مگسي پارڪ بڪيراشريف روڊ تي پهتاسين ته روڊ تي بيٺل 2 ڄڻا پوليس موبائيل کي ڏسي ڀڃڻ لڳا جن کي پوليس عملي جي مدد سان گرفتار ڪري تلاشي ورتي ته سندس قبضي مان بارودي مواد . مختلف نيٽورڪ جون سم ڪارڊ ۽ ڪيش رقم هٿ ڪئي وئي جوابدارن کان ڀڇا ڳاڇا ڪئي ته سندن سڃاڻپ لاڙڪاڻي واسي ظهير ۽ دادو واسي صدرالدين ڪولاچي طور ٿي جن ٻڌايو ته اسان جو تعلق دهشتگرد تنظيم ايس آر اي جسمم سان آهي ۽ اسان هي آئي اي ڊي ايس تيار ٿيل جسمم اڳواڻن جي چوڻ تي دهشتگردي لاء تيار ڪيون آهن جنهن بعد پوليس بم ڊسپوزل کي گهرائي آئي اي ڊي ايس کي سيل ڪيو جڏهن ته گرفتار جوابدارن مٿان سي ٽي ڊي حيدرآباد ٿاڻي تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ٻي پاسي اهڙي ڪاروائي تي ٽنڊوالهيار پوليس بيخبر بڻيل آهي.