خانپور مهر (ن پ ا) خانپور مهر پوليس هٿان  ٿاڻي اندر وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻيل نوجوان وجي ڪمار جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي، رحيم يار خان اسپتال منتقل، وارثن پاران انصاف جو مطالبو. خبر موجب خانپور مهر ۾ 4 ڏينهن اڳ پوليس هٿان ٿاڻي اندر وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻيل نوجوان وجي ڪمار جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿيڻ بعد وارثن پاران کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن وارثن موجب نوجوان وجي ڪمار مٿان تشدد ايترو ڪيو ويو آهي جو رات دير سان سندس حالت خراب ٿي وئي، ان ڪري کيس رحيم يارخان اسپتال نيو ويو آهي. هوڏانهن ذريعن موجب نوجوان تي پوليس هٿان تشدد ڪرائڻ جي الزام هيٺ آيل بااثر سيٺ معاملي کي راڄوڻي ذريعي لئي مٽي ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. واضح رهي ته 4 ڏينهن اڳ نوجوان وجي ڪمار کي ڇوڪريءَ سان مبينا حراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. گذريل ڏينهن مينگهواڙ برادري جي سوين ماڻهن انصاف لاءِ احتجاج پڻ ڪيو هو.