ڄامشورو(رپورٽر) ڄامشورو ڀرسان نوجوان کان ڦر ڪري فرار ٿيندڙ ٻن ڦورن کي شهرين سوگهو ڪري پوليس  حوالي ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ڀرسان جوڻيجا ويلفيئر آرگنائيزيشن جي مرڪزي صدر برڪت علي خان جوڻيجو جي ڀاءُ محبوب علي جوڻيجو کان ڦورن هٿيارن جي زور تي ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا، متاثر نوجوان پنهنجي گهرڀاتين ۽ پوليس کي اطلاع ڪري ڦورن جو پيڇو ڪري ٻن ڦورن ڪوٽڙي واسي منير اوڏ ۽ خان محمد اوڏ کي سوگهو ڪري ٺاهوڪي ڦيهه ڪڍڻ کانپوءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي جوڻيجا ويلفيئر آرگنائيزيشن جي مرڪزي صدر برڪت علي خان جوڻيجو ۽ سماجي شخصيت رستم علي خان جوڻيجو جو چوڻ هو ته ڄامشورو ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن،ايس ايس پي ڄامشورو شهر ۽ سوسائٽي ۾ پوليس گشت کي وڌائي ۽ اضافي نفري مقرر ڪري ته جيئن ڏوهن ۾ گهٽتائي اچي سگهي.