ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ معصوم ٻالڪ مائٽن جي دڙڪن کان ڪاوڙجي ڪوئا مار دوا پي ڇڏي، شھر جي مڱڻھار پاڙي ۾ 6 ورهين جي ٻالڪ عادل مائٽن پاران دڙڪا ڏيڻ تان ناراض ٿي ڪوئا مار دوا پي ڇڏي، جنھن کي تعلقي اسپتال داخل ڪيو ويو، جتي سندس حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي، وارثن ٻڌايو ته ٻارڙي کي ڪنهن معمولي ڳالهه تان گهروارن دڙڪا ڏنا جنهن تان ڪاوڙجي هن زهريلي دوا پي ڇڏي،