ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ مڪاني چونڊن دوران پولنگ عمل صبح جو 8 شروع ٿي ويو هو جيڪو شام 5 وڳي تائين جاري رهيو، سخت گرمي جي ڪري ووٽرن جي چونڊن کان عدم دلچسپي نظر آئي، جنهن ڪري ٽرن آئوٽ 30 سيڪڙو رهيو، يوسي شير محمد  ڏيرو تي ووٽ ڪاسٽ ڪرائڻ جي مامري تان پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ جو ڪائونسلر جو اميدوار محمد خان کوسو زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ميونسپل جي وارڊ نمبر 18 جي مين سنڌي پرائمري اسڪول جي پولنگ تي جماعت اسلامي ۽ پ پ ڪارڪنن ڏند چڪ ٿيا، جنهن دوران ڌڪا ڏيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو سلمان زخمي ٿي پيو، ٻئي طرف يو سي ميرحسن مري ۾ پ پ ضلعي سانگهڙ جي انفارميشن سيڪريٽري شڪيل احمد مري سامهون بيٺل آزاد اميدوار فيروز گل مري، وائيس چيئرمين لاءِ محمد قاسم هنڱورو ۽ ضلعي ڪائونسلر اميدوار بابر علي هنڱورو پ پ اميدوارن تي ڌانڌلين جا الزام هڻي بائيڪاٽ ڪري پنهنجي حامين سان گڏ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايم اي جناح روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي، هوڏانهن جي يو آءِ ٽنڊوآدم جي امير مولانا محمد هاشم خاصخيلي پڻ يو سي شير محمد ڏيرو تي جي يو آءِ اميدوار کي ووٽ ڪاسٽ نه ڪرائڻ جو الزام هڻي چونڊ عمل جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، شهر جي وارڊ نمبر 18 جي جيمخانه ۾ قائم ليڊيز پولنگ اسٽيشن تي سڄو ڏينهن بجلي نه هئي، جڏهن ته ووٽر لسٽن ۾ غلطين سبب ووٽرن سان گڏ اميدوار به پريشان رهيا، وارڊ نمبر 5 تي آزاد اميدوار اصغرعباسي الزام مڙهيو ته مونو ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ جي پولنگ اسٽيشن تي بيلٽ پيپر کٽي وڃڻ سبب ڪيترائي ووٽر بنا ووٽ ڏيڻ جي واپس هليا ويا آهن،