دولتپور صفن (ن پ ا) دولتپور صفن جي وارڊ 4 جي مين پرائمري اسڪول پولنگ اسٽيشن تي اعتراض سامهون آيا، عوامي ورڪرز پارٽي طرفان بيٺل عورت اميدوار صبا ناز اڳوڻي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري خلاف دانهيندي الزام هنيو ته هو وارڊ نمبر 4 جي  پولنگ اسٽيشن اندر بوٿ وٽ اچي عورتن تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي ۽ کين چئي رهيو آهي ته پ پ جي نشان تير تي ٺپو هڻو، عورت اميدوار چيو ته پرزائيڊنگ آفيسر به سندس حمايتي بڻيل آهي، ٻئي پاسي اسماعيل ڏاهري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون وٽ چيف ايجنٽ طور پولنگ وزٽ ڪرڻ جي پاس ۽ ليٽر موجود آهي، آئون ڪٿي به ڪهڙي به پولنگ اسٽيشن تي وڃي سگهان ٿو، باقي اگر مون پرزائيڊنگ آفيسر کي يا اتي بيٺل ووٽرن کي زبردستي تير تي ٺپو هڻڻ لاءِ چيو آهي ته ان جو ثبوت ڏنو وڃي، يا انهن ووٽرن ۽ آفيسر کان معلوم ڪيو وڃي ته ان ڳالهه ۾ ڪيتري سچائي آهي، هن چيو ته عورت اميدوار ڀيڻ برابر آھي، مخالفن جي چوڻ تي اجايا الزام هڻڻ کان پاسو ڪري،