بدين (رپورٽر) مڪاني چونڊن ۾ يوسي نندو شهر يونين ڪائونسل تي دلچسپ صورتحال، 2 ڀائر ۽ پيءُ پٽ آمهون سامهون، چوٽي جي مقابلي جا امڪان، ان ڏس ۾  اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان سنڌ صوبي ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي  ۾ حيدرآباد ڊويزن جي 9 ضلعن اندر چونڊون ڪرائڻ جي اعلان بعد اميدوارن طرفان نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ بعد يونين ڪائونسل 43 نندو شهر تي دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جتي جي ڊي اي پاران بيٺل چيئرمين جي اميدوار محمد علي سولنگي جي سامهون سندس ڀاءُ قربان علي سولنگي آزاد حيثيت ۾ چيئرمين شپ لاءِ فارم ڀرائي ڇڏيو آھي، جڏھن ته وائيس چيئرمين شپ لاءِ شبير خاصخيلي جي فارم ڀرائڻ تي  سندس سامهون شبير خاصخيلي جو پٽ ذوالفقار علي خاصخيلي وائيس چيئرمين جي سيٽ تي آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيو آهي، جنهن سبب ڄاڻايل يوسي تي دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، ان حوالي سان وائيس چيئرمين جي اميدوار شبير خاصخيلي ٻڌايو ته چيئرمين محمد علي سولنگي سامهون سندس ڀاءُ قربان ۽ سندس وائيس چئيرمين سامھون منهنجو پٽ ذوالفقار خاصخيلي اليڪشن وڙھڻ لاءِ فارم ڀرايا آهن، اسان جون ڪوششون آھن ته اسان جي سامھون بيٺل آزاد اميدوار هٿ کڻڻ واري تاريخ تائين پنهنجا نامزدگي فارم واپس وٺن. ٻئي صورت ۾ مقابلو ڪري اليڪشن اسان کٽينداسين.