ٽنڊوآدم (ن پ ا) پ پ مخالف شھري اتحاد ۾ ڏار پئجي ويا، پي ٽي آءِ پاران اتحاد کان عليحدگي جو اعلان، رپورٽ موجب مڪاني چونڊن ۾ پ پ مخالف شھري اتحاد ڪائونسل ۾  هاڻي کان ئي ڏار پئجي ويا آهن، ان سلسلي ۾  پي ٽي آءِ ضلعي سانگهڙ جي نائب صدر حاجي رفيق احمد غوري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي نالي تي جن ماڻهن شھري اتحاد ڪائونسل ۾  شموليت جو فيصلو ڪيو آهي اھي پارٽي جا ذميوار  ماڻھو نه آھن، ھن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ شھيد بينظير آباد ڊويزن جي صدر عنايت رند جي منظوري سان پريس ڪانفرنس جو فيصلو ڪيو ويو آهي.