دوڙ: (ن پ ا) يوسي خان محمد جلباڻي مان ضلعي ڪائونسل جو ميمبر ۽ جرنل ڪائونسلر بنا مقابلي ڪامياب جڏهن ساڳي يوسي جي چيئرمين سامهون بيٺل آزاد اميدوار هٿ کڻي ويو تفصيل موجب غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب دوڙ  تعلقي جي يوسي خان محمد جلباڻي مان پيپلز پارٽي جو اميدوار غلام اڪبر عرف ميجر جلباڻي بنا مقابلي ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو آهي سندس سامھون ڪنھن به اميدوار فارم جمع ناهي ڪرايو جڏهن آر او آفيس جي ملازم ۽ مينجر غلام اڪبر جلباڻي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ساڳي يوسي مان جنرل ڪائونسلر جي سيٽ مسعود احمد خاصخيلي پڻ بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو آهي سندس سامھون ڪنھن به اميدوار فارم جمع ناهي ڪرايو جڏهن ته ساڳي يوسي خان محمد جلباڻي تي پيپلز پارٽي پاران نامزد ڪيل چيئرمين غلام رسول جمالي جي حق ۾ سامهون آزاد اميدوار عاشق حسين بروھي پنهنجا مطالبا تسليم ٿيڻ تي دستبردار ٿي هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان عاشق حسين بروھي چيو منهنجو اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو مقصد هڪ هو ته ڀرپاسي وارن ڳوٺن کي روڊ وٺي ڏيان پيپلزپارٽي اڳواڻن منهنجا مطالبا تسليم ڪري ورتا آهن ان ڪري مون غلام رسول جمالي جي حق ۾ دستبردار ٿي هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي.