سڪرنڊ (ن پ ا) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي صدارت ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان هم خيال پارٽين جو اهم اجلاس مجيد ڪيريو ۾ ٿيو، جنهن ۾ نظام سنجراڻي ، گل محمد رند اطهر شاھ، ممتاز علي جتوئي، نعمت آرائين ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته پ پ جي مقابلي ۾ سڀئي گڏجي اتفاق راءِ سان اميدوار بيهاريا ويندا، اجلاس ۾ سڪرنڊ ۽ قاضي احمد تعلقي لاءِ ٻه ڪاميٽيون پڻ جوڙيون ويون، جيڪي اليڪشن بابت هم خيال جماعتن سان رابطي ۾ رهنديون، ان موقعي تي سيد زين شاھ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جيڪا گذريل ڪيتري عرصي کان عذاب ۾ آهي، ان عذاب کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو موقعو مڪاني چونڊون آهن، ان موقعي تي چوڌري عارف نياز آرائين سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو،