حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو هاڻي ڀوتارن بدران پڙهيل لکيل ۽ باهمت نوجوانن کي پنهنجو ووٽ ڏئي سنڌ ۾ تبديلي جي شروعات ڪن. مڪاني چونڊن ۾ سڄي سنڌ مان نوجوانن  فارم ڀرائي ڀوتارن کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ايس ٽي پي اڄ کان 30 سال اڳ ان جدوجهد جي شروعات ڪئي هئي جيڪا هاڻي سنڌ جي گهٽي گهٽي ۾ نوجوانن جي روپ ۾ پهچي چڪي آهي. ترقي پسند ھائوس تي حيدرآباد ضلعي جي پارٽي اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڀوتار، جيڪي مڪاني چونڊن ۾ سيٽون پاڻ ۾ ورهائي کڻندا هئا ۽ پنهنجي پٽن ۽ پوٽن کي بنامقابلي ڪامياب ڪرائيندا هئا پر هن ڀيري انهن کي اليڪشن ۾ وڃڻو پوندو جو سنڌ جا ماڻهو خاص طور نوجوان به ڀوتارن جي مقابلي ۾ فارم ڀرائي رهيا آهن. نوجوانن جي اهڙي همت سبب ڀوتارڪو طبقو ڳڻتي ۾ پئجي ويو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ قائم ڀوتارڪي نظام ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيا آهن ۽ سنڌ تبديلي طرف وک وڌائڻ لڳي آهي. اجلاس ۾ مڪاني چونڊن بابت رٿابندي ڪئي وئي. اجلاس ۾ ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي، ڊاڪٽر سومار مڱريو، عاشق سولنگي، قادر چنا، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، هوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر احمد نوناري، ڄام شوڪت ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.