ٽنڊوآدم (ن پ ا) ڳوٺ ڪڙيو بچل بوداڻي لڳ ٻني جي تڪرار تان خاصخيلي ۽ عمراڻي تڪرار بعد عبدالواحد عمراڻي پاران ڪڙيو بچل بوداڻي جي رهندڙ خاصخيلي برادري جي ماڻهن خلاف عدالتي حڪم کان پوءِ تعلقي ٿاڻي ٽنڊوآدم تي گناھ نمبر 36/2021 تحت ايف آئي آر داخل ڪرائي آهي. هن ايف آءِ آر ۾ مقتول اياز خاصخيلي، مقتول جمن خاصخيلي، وزير خاصخيلي، رياض خاصخيلي، مانجهي خاصخيلي، امير خاصخيلي، غلام سرور خاصخيلي سميت 15 سڃاتل، 15 اڻ ڄاتل مردن ۽ 25 اڻ ڄاتل عورتن خلاف ڪڻڪ جي ديري ساڙڻ جي الزام تحت ايف آءِ آر داخل ڪرايو آهي. ان سلسلي ۾ ٽنڊوآدم بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او ٻڌايو ته عمراڻين گذريل رات ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي، اڃا ڪابه گرفتاري نه ٿي آهي. جهيڙي ۾ خاصخيلي برادري جا اياز خاصخيلي ۽ جمن خاصخيلي ٿڏي تي فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته مسمات ستڀرائي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ فوت ٿي هئي. جڏهن ته خاصخيلي برادري جا ٻه ڊزن کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿيا هئا، جن ۾ عورتون به شامل هيون. ان معامري ۾ خاصخيلي برادري پاران زاهد عمراڻي ۽ ٻين خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي. جڏهن ته مک جوابدار زاهد عمراڻي اڃا گرفتار ناهي ٿي سگهيو ۽ خاصخيلي برادريءَ پاران جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ 14 هين ڏينهن به بک هڙتال جاري آهي.