مانجھند/ سن (نمائندا)سن ڀرسان ڳوٺ وڏا ڇڇر ۾ ڳوٺ جي چڱن وڏيري الياس ڇڇر ، سرهو خان ڇڇر، عبدالستار ڇڇر، محمد عثمان ڇڇر ۽ الهڏنو ڇڇر 10 مهينن کان وزيران ڇڇر قتل ڪيس بابت پريس ڪانفرنس ڪوٺائي. ماستر الھورايو ڇڇر ، ماستر علي شير ڇڇر ، يوسي سيڪريٽري يوسي لاکا ۽ يوسي تونگ علي گل ڇڇر ، وڏيرو منٺار ڇڇر ۽ چند ٻيا فرد وزيران ڇڇر جي ڪيس جي آڙ ۾ پنهنجون ذاتي ۽ سياسي دشمنيون پاڙن جي لاء پوري ڳوٺ تڪ ۽ تر جو امن امان خراب ڪري رهيا آھن، جڏهن ته ڪيس عدالت سڳوري ۾ هلندڙ آھي جنهن جو آخري چالان سجاول پوليس طرفان پيش ڪيو ويو، جاچ ۾ شامل پنجن 5 فردن ۽ هڪ نياڻي به شامل ڪئي وئي، انهن جا نالا عدالت سڳوري ڪيس مان خارج ڪري ڇڏيا، جڏهن ته ڊي اين رپورٽ پڻ اچي وئي آھي جنهن ۾ پڻ ڪيس ۽ جاچ ۾ ڪافي فردن کي ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه ميچنگ نه ٿي آھي. ساڳئي وقت موبائل لوڪيشن جي به هر طريقي کان جاچ ڪئي وئي ان ۾ به ڪجھ فردن جي ڪنهن به قسم جي ميچنگ يا رابطو نظر نه آيو، ان باوجود مسلسل 10 ڏهن مهينن کان ڄاڻايل ماڻهن هرروز ڳوٺ جي امن امان جي حالت کي هر لحاظ کان خراب ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه آھي ڇڏي، اسان ڳوٺ وڏا ڇڇر ۽ ڇڇر برادريء سڀني صحافين جي سهڪار سان چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ ، آء جي سنڌ کي اپيل ٿا ڪريون ته ڳوٺ جي امن امان صورتحال کي خراب ڪندڙ ماستر الھورايو ڇڇر ، ماست علي شير ڇڇر ، يوسي سيڪريٽري علي گل ڇڇر ۽ منٺار ڇڇر جو نوٽيس ورتو وڃي. ڳوٺ ۾ امن امان صورتحال خراب ٿي ته ذميوار ڄاڻيل ماڻهو هوندا. هنن چيو ته پنج ڏهاڙا اڳ ڇڇر برادري جي ٻن ڌرين ۾ اڻبت جو فيصلو ٿيو جنهن کي پڻ وزيران ڇڇر ڪيس سان ڳنڍي جرڳي جا افواه ڦهلائي ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ڪيو ويو.