فريدآباد(ن پ ا) چار ڏينهن اڳ ڪڻڪ جي ٻارتان اغوا ٿي ويل زميندار بازياب نه ٿي سگهيو، وارثن جو اغوا ٿي ويل زميندار جي بازيابي لاءِ وارثن احتجاج ڪيو، فريدآباد ويجهو ڳوٺ قاسم لاشاري مان 4 ڏينهن اڳ ڪڻڪ جي ٻارتان اغوا ٿي ويل زميندار محمد عثمان لاشاري 4 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو، اغوا ٿي ويل زميندار جي وارثن ڀاء محمد عمر، پٽ راشد، مامو حبيب الله لاشاري ۽ ٻين پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي دانھيو ته 4 ڏينهن کان ڪڻڪ جي ديري تان اغوا ٿي ڏيويل محمد عثمان لاشاري جي بازيابي لاءِ فريدآباد پوليس 4 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي ھنن وڌيڪ چيو ته پوليس کين روز ٿاڻي جا چڪر ڪٽرائڻ ۽ دلاسا ڏيڻ ۾ پوري آهي ھنن ايس ايس پي دادو، آء جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته خدارا نوٽيس وٺي مغوي محمد عثمان لاشاري کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.