اوٽاوا (انٽرسٽنگ نيوز) ڪينيڊين ڪمپني ٽافيون کائڻ جي شوقين ماڻهن لاءِ لکين رپيا ڪمائڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪيو آهي. ٽافيون کائڻ جو شوق رکندڙ ماڻهن لاءِ بهترين موقعو آهي ته اهي پنهنجون ملازمتون ڇڏي پنهنجو ڌيان ڪينڊي فن هائوس طرفان ملندڙ نوڪري تي ڏئي، جيڪا صرف ٽافيون کائڻ تي سالانو هڪ لک ڊالر پگهار ڏيندي. ڪينيڊين ڪمپني طرفان لنڪڊ ان تي هڪ اشتهار اپ لوڊ ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪمپني کي هڪ چيف ڪينڊي آفيسر جي ڳولا آهي، جنهن جو ڪم هزارين مزيدار ٽافيون آخري مرحلي مان گذارڻ کان اڳ چکي هنن جي ذائقي جي جاچ ڪرڻي آهي. ڪمپني طرفان ٻڌايو ويو آهي ته آفيسر کي هڪ لک رپيا ڪينيڊين ڊالر (جيڪي پاڪستان ڪرنسي ۾ هڪ ڪروڙ 85 لک کان وڌيڪ رقم ٿئي ٿي) پگهار ادا ڪئي ويندي. سڀ کان دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اها نوڪري اوهان گهر ويهي به ڪري سگهو ٿا. اشتهار ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ان ملازمت لاءِ پنجن سالن جي عمر جا ٻار به والدين جي اجازت کانپوءِ اپلاءِ ڪري سگهن ٿا.