ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سپر اسٽار عاليا ڀٽ پنهنجي ايندڙ فلم “ڊارلنگ” خلاف بائيڪاٽ مهم تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي. ميڊيا رپورٽ موجب ڀارت ۾ سوشل ميڊيا تي ڊارلنگ فلم جي بائيڪاٽ جو ٽرينڊ هلايو پيو وڃي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڄاڻايل فلم مردن خلاف ٺاهي وئي آهي. بائيڪاٽ ٽرينڊ ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ڊارلنگ ۾ مردن کي گهريلو تشدد جو نشانو بڻائيندي ڏيکاريو ويو آهي تنهن ڪري هي فلم ڪنهن صورت ۾ به هلڻ نه ڏينداسين. عاليا ڀٽ ان تي ردعمل ڏيندي چيو ته اصل ۾ اسان کي بائيڪاٽ جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي. اداڪارا پنهنجي انٽرويو ۾ چوڻ هو ته اڄ ڪلهه ساهه کڻڻ تي به تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، غلطي ڪرڻ تي مونکي ڪوبه پڇتاءُ ناهي ٿيندو ڇو ته انسان ان مان سکندو آهي.