نيويارڪ (انٽرسٽنگ نيوز) پرڏيهي ميڊيا موجب امريڪي شهر نيويارڪ ۾ هڪ شهري صرف ٿڌي چپس ڏيڻ تي عالمي فاسٽ فوڊ ڪمپني جي ملازم کي گولي هڻي ڇڏي. رپورٽ موجب ڄاڻايل ملازم سخت زخمي ٿي پيو ۽ هن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. اطلاع ملڻ تي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو جنهن جي سڃاڻپ مائيڪل مورگن جي نالي سان ٿي آهي. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته نيويارڪ جي علائقي بروڪلن ۾ 20 سالن جي شخص مائيڪل مورگن هڪ مشهور فاسٽ فوڊ ڪمپني جي 23 سالن جي ملازم کي گولي هڻي سخت زخمي ڪيو آهي. پوليس موجب جوابدار خلاف قتل جي ڪوشش ڪرڻ سميت ڀريل پستول رکڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. جوابدار کي ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا مختلف ڏوهن ۾ ملوث هئڻ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن ملازم ڄاڻايل فاسٽ فوڊ شاپ ايندڙ عورت ۽ ملازم وچ ۾ ٿڌي چپس ڏيڻ تي بحث ٿي جنهن کانپوءِ عورت پنهنجي پٽ مائيڪل مورگن کي وڊيو ڪال ڪري ٻڌايو ته ڪاوڙ ۾ اهو اتي پهتو ۽ بحث کانپوءِ ملازم کي گولي هڻي ڇڏي.