ٻٻرلوءِ (ن پ ا) ٻٻرلوءِ ويجهو ڇوھارا مارڪيٽ ۾ کجين جي بارداني کي شرپسندن پاران باھ ڏئي ڇڏي، لکين رپين جو باردانو سڙي رک ٿي ويو. خبر موجب ٻٻرلوءِ جي ڳوٺ علي ڏنو شيخ جي رھواسي کجين جي واپاري حنيف شيخ جي کجين جي بارداني کي شرپسندن عناصر باھ ڏئي ڇڏي. باھ لڳڻ سبب 9 ھزار ٽوئيون، 200 مڻ ٻارڻ واريون ڪاٺيون ۽ تئيون سڙي رک ٿي ويون. ان موقعي تي واپاري حنيف شيخ دانهيندي ٻڌايو ته بارداني کي باهه سبب 10 لک رپين جو نقصان ٿيو آهي. ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته بارداني کي باھ ڏيندڙ شرپسندن کي گرفتار ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.