دادو (رپورٽر ) دادو شهر جي باءِ پاس  ڀرسان لاڏائو شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان منهن ماري ۽ جهيڙو سبب پيرسن حمزو شيخ مبينا طور ڏنڊي جو ڌڪ لڳڻ بعد  دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. اطلاع تي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پهچي نثار ۽ صاحب خان شيخ کي گرفتار ڪري ورتو آهي،ان حوالي سان  فوتي حمزو جي زال صغري شيخ ٻڌايو ته نثار شيخ جي پٽ کي اسان جي ڌيءُ،  اسان جي پٽ کي نثار جي ڌيءُ جي ڏي وٺ ۾ شادي ٿيل آهي، اسان جي ڌيءُ کي مڙس ڪڍي ڇڏيو، جنهن کي نثار وارا وٺڻ لاءِ  آياجنهن جي نه وڃڻ تي نثار پنهنجي ڀيڻ کي زبردستي وٺي پيا ويا ته جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ منهنجي مڙس کي ڏنڊي جو ڌڪ لڳو، مڙس جان بچائڻ لاءِ ڊوڙيو ته کيس  دل جو دورو پئجي ويو ۽ هو فوت ٿي ويو،  گرفتار ڪيل نثار شيخ موجب ته  حمزو شيخ وارن اسان کي ڏنل ڇوڪري پاڻ وٽ ويهاري ڇڏي، جيڪا واپس نه ڪرڻ تي اسان پنهنجي ڀيڻ کي واپس وٺي پئي وياسين ته اسان سان جهيڙو ڪيو. دانهن رڙين تي دل جي تڪليف سبب حمزو فوت ٿيو آهي، اسان کيس ڌڪ ناهي هنيو نه قتل ڪيو آهي.