اسلام آباد (شوبز نيوز) مارگلا هلز تي باهه ڏيڻ واري ڪيس ۾ ٽڪ ٽاڪر نوشين سعيد عرف ڊولي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي اکين ڏٺي شاهد جي به وڊيو جاري ڪئي آهي. هن انسٽاگرام تي نئين وڊيو جاري ڪئي، جنهن ۾ هوءَ ساڳئي هنڌ موجود آهي، جتي ٻيلي ۾ باهه لڳي هئي. وڊيو ۾ موجود پيرسن شهري ٻڌايو ته ٻيلي ۾ باهه نانگن کي مارڻ لاءِ لڳائي وئي هئي. شهري چيو ته ڊولي باهه نه ڏني هئي پر باهه اڳ ئي لڳل هئي، ٽڪ ٽاڪر آئي، گاڏي مان لٿي ۽ وڊيوز ٺهرايون. شهري جي شاهدي ٻڌي ڊولي جا ڳوڙها ڳڙي پيا. وڊيو جي ڪيپشن ۾ ڊولي چيو ته وٽس ٻيا به کوڙ ثبوت آهن ته هن باهه نه ڏني هئي.