سيپڪو شيخ زيد سب ڊويزن لاڙڪاڻي جي عملي جي ناجائزين جو نوٽيس ورتو وڃي!

ھڪ طرف نيپرا پاران ھر مھيني بجلي جي يونٽن ۾ اضافو ڪري ماھوار بجلي مھانگي ڪئي وڃي ٿي ته ٻئي طرف وري شيخ زيد سب ڊويزن لاڙڪاڻو جي ڪرپٽ سيپڪو انتظاميا ميٽر صارفين کي بلاوجھ زياده يونٽ ۽ بغير ڪنهن ثبوتن جي ڊٽيڪشن بل موڪلي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. شيخ زيد سب ڊويزن لاڙڪاڻو پاران 24 ڪلاڪن مان 4 ڪلاڪ به مس بجلي ڏني وڃي ٿي ته مٿان وري واڌو بل موڪلي عوام کي آزار ۾ وڌو ويو آهي. شهر ۾ بجلي چوري ڪرائي ماڻھن کي پندرنھن سئو کان ٻن ھزارن ۾ ايئرڪنڊيشن جا ڪنيڪشن ڏنا پيا وڃن. مٿان وري لائن لاسز پورا ڪرڻ لاءِ ميٽر صارفين تي ڊٽيڪشن بل ۽ اضافي يونٽ موڪليا ويندا آهن. ڪافي دفعا ايس اي لاڙڪاڻو ۽ ايڪسيئين کي سيپڪو شيخ زيد جي ناجائزين جي دانهن پڻ ڏني آهي جنهن تي ڪمپيوثر آپريٽر کي مسئلو حل ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو جنهن ٻڌايو ته اوھان نيٽ تي بل چيڪ ڪندا اچو اضافي لڳل يونٽ ختم ٿي ويندا ۽ ڪرنٽ يونٽ بل ۾ لڳي ايندا جيئن ئي نيٽ تي بل چيڪ ڪيو ته مٿي تي ھٿ اچي ويا گذريل مھيني لڳل 398 يونٽ رقم 8 ھزار ختم ٿيڻ بجاء مٿان وري 297 يونٽ لڳائي 10 ھزار کان مٿي بل موڪليو ويو. ھي ڪٿان جو انصاف آهي ته بجلي چوري ڪندڙ سڪون جي ننڊ پيو ڪري ۽ ميٽر صارفين سورن ۾ پيو ھجي.

 حسين علي مغيري/لاڙڪاڻو

سنڌ ۾ لائبررين جي اهميت ۾ گهٽتائي ڇو ٿي رهي آهي!

اڄ جي ھلندڙ  ٽيڪنالاجي  جي  دور ۾، لائبررين  جي ايتري  گھڻي اھميت  ناھي رھي. نه صرف  گورنمينٽ پر اڄ  جي عوام وٽ به لائبرري  جي اھميت تمام  گھڻو گهٽجي  وئي آھي. ڪتاب  پڙھڻ وارا جيڪي  چاھ منجھان  پڙھندا ھئا ….اھي اٿي ويا. ھينئر ڪتاب سنڀالي رکڻ  وارا پڻ  ناپيد آھن. پوري سنڌ  ۾ ھڪ  اديب جي  ڇپيل ڪتاب  جون 500 ڪاپيون به  نه ٿيون کپن. اعزازي ڏنل ڪاپي به اديب ڪونه ٿا  پڙھن. ھر اديب صرف پنھنجي  موضوع سان  لاڳاپيل مواد  جو  اڀياس  ڪري  ٿو. باقي وڃي  ٿيو خير. عام  پڙھندڙ، ڪسمپرسيءَ  جي  دور  مان  گذري  رھيو  آھي. پڙهندڙئو توهان پاڻ ٻڌايو ته پنھنجي موضوع کان علاوه، ٻين ڪيترين صنفن  تي لکيل تحقيقي ڪتابن جو  اڀياس  ڪريو ٿا؟. سچ پڇو ڪتاب سان عشق ڪرڻ  وارو جذبو ۽ جوش اڄ جي ماڻھن ۾ ناھي رھيو. تحقيق ڪرڻ  جو مادو  تمام گھڻو گھٽجي  ويو آھي. سنڌي ۽ اردو ۾ اڌ کان گھڻا، ڪٽ پيسٽ، اڳ لکيل ڪتابن مان اخذ ڪيل مواد  ۽ انڌي تقليد  تي آڌاريل ڪتاب  جوڙيل آھن. مون  150 کن سنڌي اديبن ڏانھن، ڊاڪٽر سنديلو اڪيڊمي  جا ڪتاب  اعزازي طور موڪليا. صرف 30 اديبن پھچ  ڏني ۽ صرف  ٽن مانائتن محققن ڪتاب کي  پڙھي تبصرو ڪري، ڪتاب جي حق ادائي ڪئي. جن  جو  آءٌ  دلي طور مشڪور آھيان. سنڌي  ماڻھن  کي ڪتاب  نه پڙھڻ  واري بيماري  وڻ ويڙھيءَ  جيان وڪوڙي  وئي آھي. ان  طرف  ساڃاھ وندن کي ڌيان ڌرڻ کپي.

ڊاڪٽر محمد اسلم سنديلو/لاڙڪاڻو

سکر انٽر بورڊ انٽر جي امتحان جو شيڊيول بدلائي يا سهولتون ڏئي

سکر بورڊ جي طرفان يارھين ۽ ٻاھين جي امتحانن جو شيڊول 10 جون تي انائونس ڪيو ويو آھي. ان ٽائيم ٽيبل ۾ صبح ۽ شام جو پيپر آھي. حالت اھا آھي ته سنڌ ۾ 18  کان 19 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آھي ۽ ڪاليجن ۾ سولرن جو انتظام نه آھي. شاگردن کي سينٽرن تي گرمي جو اھم مسئلو درپيش آھي ۽ ٻيو اھم مسئلو ته صاف ٿڌو پاڻي به نه ھوندو آھي. سينٽر وارا ته بل سڀ وٺندا آھن پر شاگردن کي ڪي به سھولتون نه ڏنيون وينديون آھن. جون ۾ اڃا گرمي جي شديد لھر ھوندي ۽ شام جو پيپر جيڪو 2 کان 5 بجي ھوندو آھي. اھو اھڙو وقت آھي جو نه ته بجلي ھوندي آھي نه وري انتظاميا جي طرفان ڪو بندوبست ھوندو آھي. اسان سنڌ تعليم جي وزير ۽ سکر بورڊ جي انتظاميا کي گذارش آھي ته ھڪ پيپر روز جي بنياد تي ورتو وڃي يا وري آگسٽ ۾ يارھين ۽ ٻارھين جا امتحان ورتا وڃن، ته جئين شاگرد شديد گرمي کان بچي سگھن ۽ سولائي ۽ رليڪس ٿي امتحان ڏين.

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

علم جي اهميت، تعليم وڌايو سنڌ بچايو

ھر دور ۾ ھر ملڪ، قوم ۽ تھذيب جو زوال تڏهن ايندو آهي جڏهن علم کان عليحدگي اختيار ٿي هجي ۽ عياشي کي اھميت ڏني وئي هجي ۽ ملڪ جا حاڪم جنم ڏينهن ۽ فضول قسم جي ريتن  رسمن ملھائڻ ۾ مصروف ھجن. اسان جا اڳواڻ علم جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ وطن ڪارڊ ۽ قوم کي وڌيڪ محتاج بنائڻ جا نوان نوان طريقا ڳولھي رھيا آھن پر جي اھا سوچ علم جي بھتري صحت ۽ صفائي تي صرف ڪن ته اڄ ملڪ کي بک بدحالي ۽ جھالت کي منهن ڏيڻو نه پوي. ھر ملڪ، قوم ۽ تھذيب ترقي تڏهن حاصل ڪئي آهي جڏهن ملڪ ۾ تعليم جو معيار بھتر بنايو ويو هجي پر اسان جي معاشري ۾ نظام ئي ابتو آهي ھتي ٣٠ سيڪڙو پڙھيل ۽ ٧٠سيڪڙو ويچارا اڻ پڙھيلن واري زندگي پيا گذارين. جيڪڏهن تعليمي ادارن تي ضابطو ڪجي ته ملڪ ۾ وڌندڙ جوارين، شرابين، وياجين، ڏوھارين ۽ زانين جو مڪمل صفايو ٿي وڃي ۽ پوءِ ھرسال سٺا ڊاڪٽر، ذھين انجنيئر، سائنسدان ۽ سياستدان جنم وٺندا.

 امتياز ملاح/ دادو

ڇا هاڻي هارس ٽريڊنگ ختم ٿي ويندي

اسان وٽ ماڻهو ايمان سميت وڪامجي وڃڻ ڪا نئين ڳالھه ناهي پر جڏهن ڳالھه اچي ٿي سياست جي ته ماڻهو ائين ٿا وڪامجي وڃن جيئن سبزي مارڪيٽ ۾ بصر، آلو ٽڪي ڌڙي ٿا وڪامجن. جڏهن عمران حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪي منڊيون لڳيون ۽ ڪئين ايمان خريد ڪيا ويا اهو اسان سميت پوري دنيا ڏٺو ۽ اهو عمل ڪيترن ئي سالن کان هلندو پيو اچي. انهن لوٽن ۽ هارس ٽريڊنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ عمران حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ته انهن کي نااهل قرار ڏنو وڃي ته جيئن ٻيهر ائين دوکو نه ڏين ۽ ٻي درخواست وري چيف اليڪشن ڪمشنر کي ڏني ته انهن لوٽن جي رڪنيت ختم ڪري تا حيات نااهل ڪيو وڃي ته جيئن اهو سبق رڳو پي ٽي آءِ سان دوکو ڪندڙن سان گڏوگڏ هر هڪ سياسي پارٽي جي ماڻھن کي ملي. ان درخواست جي آڌار تي سپريم ڪورٽ ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر طرفان پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلو ڏئي تقريبن هارس ٽريڊنگ کي في الحال ڪجھه ٻنجو ضرور ملندو.  ان طرح سان جيڪڏهن پارليامينٽ اهڙي قسم جي لوٽن کي تحيات نااهل قرار ڏيڻ وارو بل پاس ڪرائي ته يقينن وڪامڻ جي راند ڪافي حد تائين ختم ٿي ويندي. اسان ووٽر انهن ماڻهن کي پنهنجا قيمتي ووٽ ان ڪري نٿا ڏيون ته اهي ووٽ وڃي نيلام ڪن بلڪه اسان ووٽ ان ڪري ڏيندا آهيون ته جيئن ماڻهو ايوانن تائين پهچي اسان جو آواز بلند ڪن ۽ اسان جا جائز مطالبا منظور ڪرائين پر اهي ماڻهو اسان جا ووٽ وڪڻي اسان کي ۽ اسان جي ملڪ کي بدنام ڪن ٿا ان ڪري انهن کي سزائون ڏيڻ لاءِ قانون تي عمل ٿيڻ گهرجي.

دليپ آزاد مالهي/ عمرڪوٽ

مونکان وڇڙي ويل گهر جو چنڊ

بازار سے سب کچھ مل جاتا ہے

بس جو نہیں ملتا وہ

ماں جیسی جنت اور باپ جیسا سایہ کبھی نہیں ملتا

اسان ڪنھن دوڪان يا ڪنھن آفيس ۾ ڪنھن ڪم سان ويندا آھيون ته اتي سڀ کان پھرين والد جو نالو پڇيو ويندو آھي. مطلب ته اسان جي سڃاڻپ اسان جو والد  ھوندو آھي. پر اسان والدين کي صرف عالمي ڏينھن تي ياد ڪندا آھيون، ڇو ته دنيا کي ڏيکارڻو آھي ته آئون به عالمي ڏينھن ملھائي رھيو آھيان. پر عالمي ڏينھن دنيا کي نه ڏيکار مٺا پنھنجي ضمير کي ڏيکار. روزاني والدين سان مل، ڪچھڙي  ڪر، مختلف معاملن بابت ڄاڻ حاصل ڪر. منھنجي والد حافظ محمد مبارڪ کتري اسان جي جيڪا تربيت ڪئي مشڪل حالتن ۾ ان تي اسانکي فخر آھي. منھنجي والد اسان ستن ڀائرن کي بھترين تعليم ڏياري، جو اڄ ھڪ ڀاءُ قرآن جو حافظ ۽ عالم دين آھي ۽ ٻيا انٽر ڪري پنھنجو ڪاروبار ڪري رھيان آھن. آئون ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪري رھيو آھيان. والد صاحب روز اسان سان ڪچھڙي  ڪندو آھي ۽ مختلف ڄاڻ پڻ ڏيندو آھي. سجاول ضلعي ۾ ڪوبه مسئلو ھوندو آھي والد صاحب کي خبر پوندي آھي ته سڏ ڪري ان مسئلي بابت ڄاڻ حاصل ڪندو آھي ۽ پنھنجي ڄاڻ مان به ڪجهه حصو ڏيندو آھي. جڏھن ڪنھن اسٽوري لاءِ نڪرندو آھيان ته ھڪ ھدايت ڪندو ته ضرورت جو سامان پاڻ سان گڏ کڻي وڃ. مقصد صحافت ۾ به منھنجو والد استاد آھي. والد تڏھن خوش ٿيندو آهي جڏھن سندس اولاد کيس دل سان پيار ڪندو ۽ سندس خدمت ڪندو. جيئن توھان ماءُ جي ھنج ۾ ھئا ته والد توھان جي خدمت  ڪندو ھو. (پورو ٿيو)

عتيق الرحمان کتري/ سجاول

سنڌ ۾ ٿيندڙ ميرٽ جي لتاڙ، آخر ڪيستائين!

سيوهڻ ۽ ان جي آس پاس کان خوني روڊ پار ڪري ڄامشورو پهتل مئٽرڪ ۽ انٽر جي شاگردن لاءِ سنڌ ميڊيڪل فيڪلٽي ڪراچي طرفان ورتل 22 مئي تي پيراميڊيڪل ڪورسز جي ٽيسٽ مڪمل ناڪام رهي ان لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا ويا، جڏهن ته ايڏي گرمي ۾ عام ڪپڙي جو ٽينٽ لڳائي 11 بجي منجهد ٽيسٽ ورتي وئي. وڏو قهر ته ٽيسٽ شروع ٿيڻ کان پوءِ مڇي مارڪيٽ وارو منظر لڳل هو، ڪا به انتظاميا نه هئي. سرعام ڪاپي ڪري ٽيسٽ حل ڪرائي وئي، خدارا ڪاپي ڪلچر ۽ سفارشي نظام کي مڪمل ختم ڪرائي ميرٽ جي بنياد تي اهل شاگردن کي ڪورس ۾ داخلا ڏني وڃي. اهو ايئن ممڪن آهي ته ٽيسٽ ٿرڊ پارٽي جيئن گذريل سال اين ٽي ايس ورتي تيئن ئي ٿرڊ پارٽي ٽيسٽ وٺي، هر شاگرد کان ٽيسٽ في 200 ورتا ويا ۽ جڏهن ته ڪرايا ڀاڙا الڳ، غريب شاگردن طرفان ڪيل سڄي خرچ جي ذميوار انتظاميه آهي. سنڌ حڪومت ۽ سنڌ ميڊيڪل فيڪلٽي سختي سان ايڪشن وٺي شاگردن سان انصاف ڪري.

ايڊووڪيٽ بابرستار/سيوهڻ

هڪ چٺي آءِ جي سنڌ ڏانهن

اميد ته آءِ جي سنڌ صاحب خير خيريت سان ھوندا. سائين جن کي عرض آهي ته سنڌ پوليس ۾ ڀرتين جي لاءِ ھڪ اشتھار 2019ع ۾ آيو ھو، جنهن ۾ مون سميت يقينن سنڌ جي ھزارين بيروزگار نوجوانن درخواستون جمع ڪرايون. ڪورونا وائرس سبب پروسيس شروع ٿيڻ ۾ ٻه سال لڳي ويا. مئي 2021 جي آخري تاريخن ۾ شديد گرمي ۾ فزيڪل ٽيسٽ ورتي وئي جنهن ۾ ست منٽن ۾ 1600 ميٽر رننگ ڪرائي وئي جنهن ۾ اسان جا پير پٿون ٿي پيا. اھا پاس ڪئي ان کانپوءِ قد ۽ ڇاتي جي ماپ ورتي وئي. اوھانجي مقرر ڪيل معيار مطابق فزيڪل ٽيسٽ پاس ڪئي. فزيڪل ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کان پاڪستان ٽيسٽنگ سروس جي ذريعي لکت وارو امتحان ورتو ويو، جنهن ۾ نيگيٽو مارڪون ھجڻ جي باوجود پاسنگ مارڪس 40 مقرر ڪيون ويون ۽ 40 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي پاس قرار ڏنو ويو ۽ اسان 40 کان مٿي مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي پوليس ٽريننگ سينٽر لاڙڪاڻي ۾ انٽرويو جي لاءِ گھرايو ويو جتي اسان جا اوريجنل ڪاغذ چيڪ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ انٽرويو جي شروعات ٿي. جنهن ۾ اسان کان ٻه ٻه مضمون لکرايا ويا. انتھائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اتي ڊيوٽي تي موجود ڪلارڪ سفارشي ۽ پيسن وارن کي پاڻ مضمون لکي ڏيندا رھيا جنهن جا اسان وٽ ثبوت موجود آهن جنهن سان حقدارن جي حق تلفي ٿي آهي. ان کان پوءِ انٽرويو شروع ٿيو جنهن ۾ اسان کان صرف نالو ذات ۽ والد جو نالو پڇيو ويو. انٽرويو جي رزلٽ ظاھر ڪرڻ ۾ به مھينا لڳايا ويا جنهن بعد اڻپوري رزلٽ ظاھر ڪئي وئي جنهن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي مان 218 اميدوارن کي پاس قرار ڏنو ويو. اسان آءِ جي سنڌ ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته جڏهن 14 اسڪيل جي نوڪري به چاليھن مارڪن تي آهي ته پوءِ سنڌ پوليس ۾ پنجين اسڪيل جي نوڪري جي لاءِ اسان سنڌي نوجوانن سان ايڏو ظلم ڇو پيو ڪيو وڃي؟ خدارا سنڌ پوليس ۾ ڀرتي پاليسي تي نظرثاني ڪيو ۽ اسان سان انصاف ڪري سنڌ پوليس جي پروجيڪٽ نمبر 386 ۾ چاليھه پلس مارڪون کڻندڙ سمورن اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪري اسان نوجوانن مان بيچيني ۽ مايوسي ختم ڪئي وڃي.

مور چانڊيو

ماروهر کان اڪوڍو ويندڙ روڊ صاف ڪرايو

ضلعي عمرڪوٽ کان کينسر ويندڙ روڊ جي وچ ۾ ماروھر پوليس چيڪ پوسٽ کان ساڄي طرف اڪوڍو ويندڙ روڊ مڪمل واري اچڻ سبب لٽجي ويو آهي. 500 ميٽر مطلب اڌ ڪلوميٽر روڊ ظاھري صحيح سلامت نه آهي ڪيترائي ماڻهوَ پريشاني ۾ متبلا آهن. پريشاني کي منهن ڏيندڙ اھي ڳوٺ ڳوٺ ماروھر راڄڙ، لالاٻاھ، سڏاماڻي، سباڻي، ماروٻھه، بجڙيار، جيتراڙ، ارباب جي ڍاڻي، امرھار  ميگھواڙ، امرھار  نھڙي، رامسر، رامسر سميجا، ٿاني جو تڙ، روھيراڙو، راڻھار، اوڪراڙو، جارکڙي، ڌامراڙو، وڪلوڪر، ڍاڀي سمان، ڀاڏي، ڪنڀار ڀاڏا، ڪپلور ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ آهن جن جا رهواسي ھن واري سان لٽجي ويل روڊ تان گذرندا آهن. ھزارين ماڻهن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن. ھر ھڪ ڀٽ تي  ٽي ٽي سو فوٽ واري آهي ڪنهن به قسم جي گاڏي جو گذرڻ ناممڪن آهي ايمرجنسي جي صورت ۾ جاني توڙي مالي نقصان ٿيڻ جا خدشا آهن. چونڊيل نمائندا توڙي ضلعي انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهن. چونڊيل نمائندن توڙي ضلعي انتظاميا کي اپيل ٿا ڪريون ته ماروھر کان اڪوڍو ويندڙ روڊ صاف ڪرائي مقامي ماڻهن جي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

پرمانند پرمار ميگھواڙ  امرھار/عمرڪوٽ

وڌيل عوامي مسئلا ۽ سياستدانن ۽ بيوروڪريسي جو ڪردار

ڏٺو وڃي ته پاڪستان بيروني ۽ اندروني ڪيترين ئي سازشن کي منهن ڏئي رهيو آھي. پاڪستان جي آزادي کان وٺي حالتون ڳنڀير صورتحال تي پهتل آھن. ڏينهون ڏينهن دنيا جا ملڪ ترقي ڪندي ڪاميابين جا جهنڊا کوڙي رهيا آھن پاڪستان کان علاوه دنيا جي هر ملڪ ۾ انسان ذات سميت هر جاندار جي حقن ۽ تحفظ جي ذميوارين کي ڀرپور نموني نڀايو پيو وڃي. هر ملڪ ۾ چيڪ اينڊ بيلنس سسٽم آھي قانون جي رٽ قائم آھي پر پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آھي جتي جيڪو ڏاٺو سو گابو وارو قانون آھي. سنڌ ۾ هينئر بلدياتي اليڪشن جي موسم آھي روپوش ٿيل اڳوڻا بلدياتي چھرا سامهون اچڻ شروع ٿيا آھن. اهي نمائنده عوام کان هيل ڪيئن ووٽ وٺڻ ايندا جن ڪورونا وبا، پاڻي جي شديد بحران دوران ننڍن آبادگارن جا پاڻي وارا شاخن مائينرن ۽ واهن جا دروازا بند ڪرائي پاڻي پنهنجي زرعي زمينن ڏي لوڙھي ڇڏيو هو . ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ عوامي ۽ ملازمن جي مسئلن جو ذميوار سياستدان ۽ بيوروڪريسي آھي! ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته سنڌ اندر عوام ۽ ننڍن ملازمن سان انصاف ۽ همدردي ڪري مسئلن  جي ڌٻڻ مان ڪڍيو وڃي. سنڌ جي عوام ۽ ننڍن ملازمن سان همدردانه طور يڪجهتي ڪري مسئلا حل ڪيا وڃن.

شاهد علي راڄپر/ ٺاروشاھ

وفاقي حڪومت ۽ اليڪشن جو فيصلو

وفاقي حڪومت جي باري ۾ ڪا به پيشگوئي نه ٿي ڪري سگهجي ته اها حڪومت ڪيترن ڏينهن جي مهمان آهي. شهباز شريف اڃا تائين فيصلو نه ڪري سگهيو آهي ته اهو ڊيزل ۽ بجلي جي قيمت ۾ واڌ ڪيتري ڪندو ۽ ڪڏهن ڪندو. ملڪ ۾ مهانگائي آهي. ڊالر 200 روپين جو ٿي ويو آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ اضافو ڪرڻ کان پارٽي جي سياسي پوزيشن خراب ٿي سگهي ٿي. مسلم ليگ (ن) ٽي دفعا مرڪز اندر اقتدار ۾ رهي آهي. هاڻي چوٿون دفعو ڀلي ٿوري وقت لاءِ ئي سهي پر ان کي حڪومت ۾ اچي قومي اُمور هلائڻ جو موقعو مليو آهي. هن وقت وزيراعظم جي معاونت ڪرڻ وارا ڪيترائي ماهر سابق حڪومت کي نااهل قرار ڏئي رهيا آهن ته انهن کي موقعو ڏنو وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ماڻهن ۾ غيريقيني واري صورتحال کي ختم ڪيو وڃي. پاڪستان جو سياسي منظر هن وقت وڏي بي يقيني جو شڪار آهي. پنجاب ۾ هن وقت نه ڪوئي وزيراعلى آهي ۽ نه ڪوئي گورنر. ٻن مهينن کان ملڪ جو سڀ کان وڏو صوبو بدانتظامي جو شڪار آهي. ان صورتحال ۾ ڇا ٿيندو ڪا خبر ناهي. في الحال اهو لڳي رهيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪجھ مهينن جي مهمان آهي. هن وقت شهباز شريف وٽ هڪڙو آپشن اهو آهي ته اهو اسيمبليون تحليل ڪري ۽ نئين اليڪشن جو اعلان ڪري. ڇاڪاڻ نواز شريف به نئين اليڪشن جي حق ۾ آهي. جڏهن ته آصف علي زرداري فوري طور اليڪشن جي حق ۾ ناهي. جيڪو چاهي ٿو ته ضروري ترميم ڪئي وڃي. اها ته سڌي ۽ صاف ڳالهه آهي ته پاڪستان ۾ جيڪا حڪومت گهر ڀيڙي ٿي آهي ته اها ڪونه ايندي آهي. اهو پاڪستان جو 75 سالا ريڪارڊ آهي. انهن سڀني ڳالهين کي سامهون رکندي هيءَ حڪومت اليڪشن جو فيصلو پنهنجي مرضي سان ڪندي ۽ وقت تي ڪندي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

تاريخي شهر ڊرگھه بالا روڊ تعمير ڪرائي ماڻھن جون تڪليفون ختم ڪريو

دادو ضلعي جي تاريخي شهر ڊرگھه بالا جو روڊ جيڪو گذريل پندرنهن ويھه ورهين کان تباهه ۽ برباد ٿي چُڪو آهي. هاڻي ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ هتان جا هزارين رهواسي هن ملڪ جا ئي ناهن جنهن کي روڊ جهڙي بنيادي سهولتن گذريل ويھه ورهين کان به نه ملي سگهي آهي. ساڳيا اڙانگا ۽ ڪچن رستن وارا سفر مقدر ۾لکجي ويا آهن. روڊ جي مسئلي تي سنجيده ڪوششون ڪڏھن به نه ورتيون ويون آهن. روڊ جي خراب حالتن سبب الائي ڪيترا مسافر موت جي منهن ۾ هليا ويا ۽ ڪيترا ئي معذور ٿي ويا. عوام هن بنيادي سهولت کان محروم هجڻ ڪري هن وقت شهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي وئي آهي ته آخر روڊ ٺھڻ بجاءِ ويتر تباهي طرف وڃي پيو ۽ عوام کي تڪ جا چونڊيل نمائندا هي بنيادي سهولت ڪڏھن ميسر ڪري ڏيندا؟ سنڌ سرڪار ۽ هتان جي چونڊيل نمائندن کي اپيل ٿي ڪجي ته خدارا تاريخي شهر ڊرگھه بالا روڊ جي فوري طور مرمت ڪرائي هتان جي رهواسين جون تڪليفون ختم ڪري جيئڻ جو حق بخشيو وڃي.

محمد اسماعيل لانگاھ/  ڊرگھه بالا ڪاڇو

پنهنجن پڙهندڙن کي دعوت !

توهان جي ذهن ۾ ڪا سوچ آهي يا  ڪا لوچ آهي، جنهن کي عوام تائين پهچائڻ چاهيو ٿا؟ توهان جي علائقي جا مسئلا آهن جيڪي حل نه ٿا ٿين ۽ توهان اهي مسئلا پنهنجن چونڊيل نمائندن ۽ اقتدار جي ايوانن تائين پهچائڻ چاهيو ٿا ته قلم کڻو،  پنهنجا تاثر ۽ چٺيون اسان ڏانهن اماڻيو اسان توهان جا خيال اقتداري ايوانن تائين پهچائينداسين. پنهنجون لکڻيون مختصر نموني [email protected] تي اي ميل ڪريو يا روزاني پنهنجي اخبار جي هيڊآفيس پلاٽ نمبر D/61 جامي ڪمرشل، اسٽريٽ نمبر 7، فيز 7 ڊي ايچ اي ڪراچي تي پوسٽ وسيلي اماڻيو.

چٺي اماڻڻ لاءِ هدايتون

چٺي مختصر پر جامع نموني لکيل هجڻ گهرجي

اخلاقي ۽ قانوني حدون  اورنگهڻ نه گهرجن

چٺي جي هيٺان پنهنجو نالو ۽ شهر جو نالولکو.

شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي ۽ هڪ عدد فوٽو به اماڻيو.

چٺي جي موضوع سان لاڳاپيل  فوٽو به اماڻي سگهجن ٿا پر اهي اداري جي پاليسي موجب ۽ جاءِ هجڻ جي صورت ۾ لڳايا ويندا.

چٺي رڳو پنهنجي اخبار ڏانهن ئي اماڻي وڃي. ساڳيو مواد ٻين اخبارن ڏانهن اماڻڻ جي صورت ۾ شايع نه ڪيو ويندو.

ادارو چٺي ۾ ايڊيٽنگ جو حق محفوظ رکي ٿو.       ادارو