ٻيلو شھر (ن پ ا) عيد ويجھي ايندي ئي ٻيلو شھر بدامني وڌي وئي. گذريل رات نامعلوم چور واپاري ڀوري مل جي دڪان ڀت ٽوڙي 60 ھزار رپيا روڪ ۽ سامان کڻي فرار ٿي ويا. واپاري ڀوري مل ان حوالي سان صحافين کي ٻڌايو ته صبح جو دڪان کوليو ته پوئين ڀت ٽٽل ڏسي ٿاڻي تي اطلاع ڏنو پر پوليس معائنو ڪري هلي وئي. ھوڏانھن ايس ايچ ٻيلو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.