لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾3 سال اڳ اغوا بعد جنسي زيادتي جي ڪوشش دوران تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيل 9 ورهين جي نينگري صائمه جروار جي ٽين ورسي جي موقعي تي جروار نوجوان اتحاد پاران پريس ڪلب آڏو صائمه جروار جي تصوير اڳيان ل رکي ۽ ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي فرمان، عرفان، نور احمد، غلام حسين، غلام مرتضي جروار ۽ ٻين چيو ته ٽي سال اڳ صائمه جروار کي وحشي درندن اغوا ڪري جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، عدالت ٻن جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو آهي.