بابا ۽ امڙ ڏانھن وڃڻ ڏيو: ھندو ناري رينا جي وڊيو وائرل

0
751

ڪڙيو گھنور (ن پ ا)2 ھفتا اڳ اسلام قبوليندڙ هندو ناري رينا جي تازي وڊيو اچي وئي، ڪڙيو گھنور ۾ مبينا قيد رينا رڙيون ڪري چوي ٿي ته مون کي پنهنجي بابا ۽ امان ڏانهن وڃڻ ڏيو آئون واپس وڃڻ چاهيان ٿي، رينا جي مبينا رڙين تي پاڙي جي ٻارڙن وڊيو رڪارڊ ڪري ورتي، جيڪا ٽائم نيوز ھٿ ڪري ورتي، وڊيو ۾ رينا پنهنجي والدين سان ملائڻ لاءِ پاڙي وارن کي منٿون ڪندي نظر اچي رھي آھي، ٻئي طرف سندس والد راڻو ميگھواڙ جو چوڻ آھي ته رينا کي زوري اغوا ڪري ڪڙيو گنھور واسي قاسم خاصخيلي نڪاح ڪيو آھي، رينا کي وا پس ڪئي وڃي، ٻئي طرف سماجي اڳواڻ مولچند جو چوڻ آهي ته ھن ۾ ھندو، مسلم جو مسئلو ناهي، ھي ھڪ سنڌي مظلوم جي نياڻي جو مسئلو آهي، جنهن سان به نا انصافي ٿي آهي ته ان سان انصاف ڪيو وڃي.