دوڙ (ن پ ا) دوڙ لڳ ڳوٺ ڪريم بخش وڳڻ لڳ بجلي جي تارن مان چڻنگ ڪرڻ سبب پورهيتن رحمت الله بروهي، نيڪ محمد بروهي جا گھر سڙي خاڪ جو ڍير بڻجي ويا، گهرن ۾ پيل اناج، هنڌ کٽون، بسترا ۽ ٻيو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، جنهن کانپوءِ متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. متاثرن سرندي وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي. سنڌن چوڻ آهي ته تازو ئي مزدوري ڪري پنهنجي ٻچن جي پيٽ لاءِ ڪجهه مڻ اناج گڏ ڪيو هو باهه لڳڻ ڪري گهرن ۾ پيل اناج ۽ بيٺل ٻڪريون توڙي هنڌ، کٽون، بسترا ۽ ٻيو سمورو سامان سڙي ويو آهي سمهڻ لاءِ هڪ رلي يا کٽ به ناهي بچي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي مدد ڪئي وڃي.