ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ عوامي ورڪرز پارٽي جو پيادل مارچ

0
233
عوامي ورڪرز پارٽي جو پيادل مارچ
ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ عوامي ورڪرز پارٽي جو پيادل مارچ

ميھڙ عوامي ورڪرز پارٽي جي سڏ تي ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ خلاف ڪي اين شاهه کان لاڙڪاڻي تائين رٿيل پيادل مارچ ميھڙ پھتو

عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهو، سنڌ جي صدر ضياءَ ڀٽي، سينگار نوناري ۽ لطيف لغاري جي اڳواڻي ۾ نڪتل مارچ ۾ ناري جمھوري محاذ، پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن، پورھيت مزاحمت، عوامي جمھوري پارٽي، طبقاتي جدوجھد ايس ٽي پي سميت ٻين سياسي سماجي ماڻھن شرڪت ڪئي

پيادل مارچ ۾ شامل ماڻهن جي ھٿن ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ ماحولياتي تباھي بابت پلي ڪارڊ ھئا
مارچ کي خطاب ڪندي بخشل ٿلھو چيو ته 4 مھينن بعد به ٻوڏ متاثرن جي بحالي ناھي ٿي سگھي، جيڪڏھن سندن بحالي نٿي ته پوءِ پوري سنڌ جو عوام سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪندو
سينگار نوناري چيو ته ڏھ سالن اندر آبپاشي کاتي ساڍا 5 سئو ارب رپيا ڪٿي خرچ ڪيا آھن؟ بچاءَ بندن تي ته ذرو به ڪم ناھي ٿيو جنھن سبب ئي سموري سنڌ ٻڏي آھي