ٽائيم نيوز بڻيو سگهارو آواز: ملڪاڻي جي شاگردن لاءِ پُل ٺهي وئي

0
878

ملڪاڻي شريف: ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو ته اسين عوام جو اثرائتو آواز آهيون

ملڪاڻي شريف ۾ شاخ تي پل نه هُجڻ بابت ٽائيم نيوز اڄ کان هفتو اڳ مامرو اُٿاريو هو

ٽائيم نيوز تي مامرو نشر ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو، جِتان مختلف اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيون
چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ مامري جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کي طلب ڪيو ته ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين پيش ٿيڻ کان اڳ ئي پُل جو بندوبست ڪيو

ڊي سي بدين هنگامي طور ٻنگار شاخ تي ڪاٺ جي پل ٺهرائي تيار ڪري ڇڏي جنهن تي ڀرپاسي جي ڳوٺن جي شاگردن سميت رهواسين ۾ سرهائي پکڙجي وئي آهي
ڳوٺاڻن ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته اسان جس ڏيون ٿا ٽائيم نيوز چينل کي جنهن پهرئين سڀني کان اڳم ۾ پل نه هئڻ جي نيوز نشر ڪري پنهنجو فرض نڀايو