وارهه جي گودام تي ڇاپو، ڪڻڪ جون 5 هزار ٻوريون غائب هُجڻ جو انڪشاف

0
373
وارهه جي گودام تي ڇاپو
وارهه جي گودام تي ڇاپو، ڪڻڪ جون 5 هزار ٻوريون غائب هُجڻ جو انڪشاف

وارهه: نيب سکر وارھ ۾ فوڊ گدام تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران 5 هزار کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون گدام مان غائب هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
نيب سکر ٽيم ۽ سول جج وارھ عبدالحڪيم سانگي گودام تي ڇاپو هنيو، جتي 5 هزار کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون غائب هيون
نيب عملي فوڊ انسپيڪٽر علي رضا بروهي کي ڇنڊ پٽي ۽ ٻيهر ڳڻپ جا امڪان پڻ آھن
فوڊ انسپيڪٽر علي رضا بروهي ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب ڪڻڪ خراب ٿي وئي آھي، هن ڪا به خرد برد ناهي ڪئي ڳڻپ دوران ڏنڊي ڊھي وئي
ٻئي طرف نيب سکر ٽيم ميڊيا کي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جيڪي بنا موقف ڏيڻ جي روانا ٿي ويا

ھي به پڙھندا

ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ عوامي ورڪرز پارٽي جو پيادل مارچ

ٽائيم نيوز بڻيو سگهارو آواز: ملڪاڻي جي شاگردن لاءِ پُل ٺهي وئي