مٽياري ۾ ناري ريپ ۽ تشدد بعد گهٽا ڏئي قتل

0
340
مٽياري ۾ ناري ريپ ۽ تشدد بعد گهٽا ڏئي قتل
مٽياري ۾ ناري ريپ ۽ تشدد بعد گهٽا ڏئي قتل

مٽياري ۾ انسانيت سوز واقعو پيش آيو آهي، جتي ناري جو لاش هٿ اچڻ کانپوءِ شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ تشدد، ريپ ۽ گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
ڳوٺ نور خان وگهيو ۾ فصل مان ناري جو لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ غزالا ماڇي طور ٿي هئي، ناري جو مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو
ناري جي وارثن الزام هنيو هو ته غزالا ماڇي کي ڪار سوار 3 ڄڻا اغوا ڪري ويا، جنهن بعد سندس لاش ڪيلن جي فصل مان هٿ آيو
ناري جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي موجب ناري کي جنسي زيادتي ۽ تشدد بعد ڦاهو ڏئي قتل ڪيو ويو آهي
پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي ٻڌايو ته ناري غزالا جي جسم جا جزا ورتا آهن جيڪي ليبارٽري اماڻيا پيا وڃن، پوسٽ مارٽم جي حتمي رپورٽ ۾ وڌيڪ حقيقتون سامهون اچي وينديون
پوليس موجب واقعي جي مختلف رُخن سان جاچ جاري آهي، وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو