ڪراچي (نمائندن وٽان) ٻوڏ سٽيل سنڌ ۾ چمڙي جي بيماري، گئسٽرو ۽ مليريا سوڌو ٻين وبائن جا راڱا جاري، عورتن ۽ ٻارن سوڌو وڌيڪ 5 ڄڻاحياتي وڃائي ويٺا، ميهڙ ۾ پيرسن عورت نازان کوسو گئسٽرو وگهي تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو آھي
بخشاپور ڀرسان پيرسن سليمان چاچڙ مليريا وگهي فوت ٿي ويو، ٽنڊو مستي ڀرسان رليف ڪئمپ ۾ ترسيل نوجوان معشوق جتوئي گئسٽرو سبب فوت ٿي ويو
ڀريا روڊ جي گرلز پرائمري اسڪول ۾ ترسيل نينگر عاشق علي ڌونئرو مليريا ۾ وڪوڙجڻ بعد فوت، روهڙي جي اسپتال ۾ پيرسن عورت فاطمه مگسي مليريا وگهي دم ڏئي ڇڏيو آھي
ھي به پڙھندا
وڏي وزير جي دوري دوران عورتن جو احتجاج: متاثرن جي مدد لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون: وڏو وزير
ٻوڏ جي تباهيءَ جا اهڙا منظري پهرين ڪڏهن نه ڏٺا: اينجلينا جولي