ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم انگلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شڪست جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ شڪست کانپوءِ ڳالهائيندي بابراعظم چيو ته پهرين 10 اوورن ۾ پاڪستاني ٽيم سٺي شروعات ڪئي هئي پر بعد ۾ سٺي پارٽنر شپ نه لڳي جنهن جي ڪري ٽيم وڏو اسڪور نه ڪري سگهي. بابراعظم چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تياري لاءِ بيٽنگ آرڊر جي مختلف ڪمبينيشن آزمائي رهيا آهيون. ٻئي طرف عثمان قادر چيو ته پاڪستان جو اسڪور سٺو هو ان جو دفاع ڪرڻ گهربو هو پر پاڪستاني بالر مڪمل پلان موجب بالنگ نه ڪري سگهيا. غلطين مان سبق سکي ايندڙ ميچ ۾ سٺو پرفارم ڪنداسين.