حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ٿيل هڪ ويهڪ ۾ “جناح، ورهاڱو ۽ پاڪستان؛ سنڌ جو ڪيس جي موضوع تي سيشن ٿيو، جنهن ۾ ڳالهائيندي ليکڪ نامياري اسڪالر ڊاڪٽر اشتياق احمد چيو ته ورهاست واري سياست ڀڃ ڊاهه واري سياست ٿيندي آهي. پاڪستان جيڪڏهن ٽٽي ٿو ته اپر ڪلاس وري گڏجي پاڻ کي بچائي ويندو پر مظلوم ۽ پيڙهيل طبقو وڌيڪ لوڙيندو. هن چيو ته مذهب جي بنياد تي ٺهندڙ ملڪ ۾ اڻ برابري وارو سوال موجود رهندو. ورهاڱي کان اڳ حڪومت انگريزن جي هٿ ۾ هئي. اهو فيصلو انگريزن کي ڪرڻو هو ته سنڌ کي الڳ ڪرڻو آهي يا نه؟ هن چيو ته پاڪستان انگريزن جو ملٽري پراجيڪٽ هو ان جو سبب اهو آهي ته جيئن سوويت يونين جهڙن اثرن کي منهن ڏئي سگهجي. هي برطانيا جي فوج جي اسٽيٽ پاليسي سازش هئي ان ۾ نه ڪانگريس جو ڪو ڪردار هو ۽ نه ئي مسلم ليگ جو ڪو ڪردار بڻيو. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پهرين ڪابينا ۾ بنگلاديش ۽ سنڌ کي انهن جي حيثيت موجب نمائندگي نه ڏني وئي. پاڪستان ۾ ٻه قومي نظريي جي ڳالهه ڪري سمورن سوالن ۽ تضادن جي حل جا دروازا بند ڪيا ويا. هن چيو ته پاڪستان ۾ صوبائي خودمختياري جي ڳالهه ڪندڙن کي پاڪستان جو مخالف قرار ڏنو ويو. پاڪستان ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان طاقت جي توازن کان وٺي ٻولي جي مسئلي تائين ڪنهن به مسئلي تي ڪو به خيال موجود نه هو. محمد علي جناح کانپوءِ اهو جهيڙو اڃا وڌي ويو. جناح جي 11 آگسٽ جي تقرير کانسواءِ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ پوءِ جناح جو ڪردار متضاد رهيو. هن چيو ته اهو غلط آهي ته مسلمانن جي سمورين جماعتن پاڪستان جي مخالفت ڪئي هئي. جماعت اسلامي جو ان دور ۾ ته ڪو وڏو ڪردار نه هو ۽ نه ئي جماعت اسلامي جي ان وقت ڪا سگهه هئي پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اها جماعت ئي سڀ کان وڏي ڌڻي ٿي سامهون آئي. هن چيو ته مون پنهنجي ڪتاب ۾ جناح کي چار مختلف مرحلن ۾ رکيو آهي. 1937ع کانپوءِ ورهاڱي واري ڳالهه زور ورتو. آخر ۾ اهو ممڪن ئي نه رهيو هو ته هندستان جو ورهاڱو رڪجي سگهي. هن چيو ته ورهاڱي وقت لکين ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا هئا. ان وقت محمد علي جناح ممبئي ۾ پنهنجي گهر بابت نهرو کي اپيل ڪئي ته منهنجي گهر کي انڊيا جي حڪومت پاڻ وٽ نه رکي پر اهو ڪنهن انگريز کي ڪرائي تي ڏئي ڇڏي ۽ مون کي هر مهيني 3 هزار ڪرايو ملندو به رهي. مون پنهنجي ڪتاب ۾ ان جو به ذڪر ڪيو آهي. محمد علي جناح وزيراعظم بڻجڻ بجاءِ گورنر جنرل ٿيڻ پسند ڪيو. هن چيو ته ورهاڱي کان اڳ انگريزن جڏهن ترڪن خلاف جنگ جو محاذ کوليو ته سنڌ جي پيرن ترڪن خلاف انگريزن جي فوج ۾ هتان جي مسلمان فوجين جي شموليت جي مخالف ڪئي هئي.