ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڏهرڪيءَ ۾ قتل ٿيل نوجوان جو زخمي ڀاءُ به فوت، 2 ڀائرن جا جنازا کڄڻ  وقت ڪهر، ان ڏس ۾ 2 ڏينهن اڳ ڏهرڪي جي مال پڙي چوڪ وٽ پراڻي دشمني تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان شريف جکراڻي کي قتل ٿي ويو هو، جڏهن ته سندس ڀاءُ فوجي سپاهي  مرتضيٰ جکراڻي سخت زخمي ٿي پيو هيو، جنهن کي علاج لاءِ  رحيم يار خان نيو ويو هيو، جيڪو نوجوان پڻ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي، ٻي طرف ٻنهي ڀائرن جا جنازا هڪ ئي گهر مان هڪ ئي وقت کڄڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو،  ڳڀرو نوجوانن جا والدين جنازا کڄڻ وقت بيهوش ٿي ويا،  مقتولن جي جنازي نماز درگاهه عاليه ڀرچوپونڊي شريف ۾ گادي نشين پير عبدلخالق پڙهائي، جڏهن ته قتل ٿي ويل فوجي جوان مرتضيٰ جکراڻي جي جنازي نماز ۾ پاڪ فوج جي جوانن به شرڪت ڪئي، هوڏانهن پوليس هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي نه ئي قتل جو ڪيس داخل داخل ٿي سگهيو آھي.