اسلام آباد (بيورو پورٽ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ عمران خان جي اهم سياسي ساٿي شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ٻن ويلن جي ڳڀي لاءِ پهرين شهادت سنڌ جي شهر ميرپورخاص ۾ ٿي، 76 رڪني ڪابينا اٽي جو هڪ ٿيلهو به نه ٿي ڏئي سگهي. ٽوئيٽ ڪندي شيخ رشيد چيو ته 100 ڏينهن ۾ اليڪشن جو اعلان نه ٿيو ته تباهي ٿيندي، جنهن جا ذميوار اهي حڪمران هوندا. شيخ رشيد چيو آهي ته ناڻي جا مٽاسٽا وارا ذخيرا 4 ڏهائي 5 ارب ڊالرز ٿيا آهن، جيڪي 2 ڏينهن جي گهٽ امپورٽ جو نتيجو آهي.