اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صدارتي ريفرنس واري مامري تي نظرثاني وارين درخواستن تي موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته گذريل ٻن سالن کان منهنجي ڳچيءَ تي تلوار لٽڪي رهي آهي، حڪومت مون کي هٽائڻ چاهي ٿي، ٻڌڻي دوران سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي سيڪريٽري عدالتي حڪم تي ڪائونسل ۾ جمع ڪرايل ايف بي آر جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ايف بي آر رپورٽ جي ڪاپي درخواست گذار جج کي فراهم ڪئي وڃي، ڪالهه جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 10 رڪني فل ڪورٽ صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي تي نظرثاني وارين درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ دليل ڏيندي چيو ته 22 جون 2020ع تي قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم دليل ڏيندي منهنجي گهرواري بابت مثال ڏيندي چيو ته هندو مذهب ۾ مڙس جي مري وڃڻ کان پوءِ عورت ستي ٿي ويندي آهي جڏهن ته اسان جي مذهب ۾ عورت جي شناخت سندس مڙس ذريعي ٿيندي آهي، اهڙا جملا سمورين عورتن جي توهين آهن، هن عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ڪيترا ڪوڙ ڳالهايا ويا، جيڪي عدالت آڏو سامهون آڻڻ چاهيان ٿو، منهنجي خلاف ڪيس تي دير وارا حربا استعمال ڪيا ويا، ڪيترائي ڀيرا ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جسٽس عمر عطا بنديال کيس چيو ته اوهان جيڪو الزام لڳائي رهيا آهيو ان جو جائزو وٺنداسين، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جواب ڏيندي چيو ته اهي الزام نه پر عدالتي رڪارڊ جو حصو آهن ته ڪيئن ٻڌڻيون ملتوي ڪرايون ويون، معزز ججن کي جيڪڏهن سوال پڇڻا آهن ته ٻڌڻي ڏينهن جو ساڍي 11 وڳي بجاءِ صبح جو ساڍي 9 وڳي رکي وڃي، ان دوران جسٽس عمر عطا بنديال جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي سخت لهجي ۾ مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان هلڪي آواز ۾ ڳالهايو، تيز لهجي ۾ نه ڳالهايو، هي عدالت آهي، اوهان کي خيال رکڻ گهرجي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مان جذباتي ٿي ويس، ان تي معافي وٺان ٿو، پر منهنجي ڪنڌ تي گذريل ٻن سالن کان تلوار لٽڪي رهي آهي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته مان عهدو ڇڏي هليو وڃان، ان دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري سرينا عيسيٰ دليل ڏيندي چيو ته لنڊن ۾ مون پاران خريد ڪيل ملڪيتن جي رڪارڊ ۾ منهنجي مڙس جو نالو ناهي، انهن ملڪيتن کي خريد ڪرڻ لاءِ موڪليل پيسن سان به جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو ڪو تعلق ناهي، هن ڪيس ۾ مان ۽ منهنجا ٻار ڌر نه هئاسين پر پوءِ به اسان کي ڌر بڻائي اسان جي خلاف فيصلو ڏنو ويو،ملڪيت خريدڻ جا تفصيل عدالت ۾ جمع ڪرائي چڪي آهيان، جسٽس عمر عطا بنديال ان دوران چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي سامهون نه اچڻ چاهيو، جڏهن ته سرينا عيسيٰ کوسو جو نالو سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو نالو انڪوائري دوران سامهون آيو، ان دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بار بار روسٽرم تي اچڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي جسٽس منيب اختر کيس سخت لهجي ۾ مخاطب ٿيندي چيو ته جج صاحب اوهان عدالتي ڪارورائي ۾ رڪاوٽ نه بڻجو چپ ڪري ويهي رهيو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ موقعي جو فائدو وٺندي چيو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل منهنجي پر پٺ ڪارروائي ڪئي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته مون کي هر ممڪن طريقي سان برطرف ڪيو وڃي، ان دوران عدالت پاران ڪائونسل جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي وئي ته ايف بي آر جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري، جيڪا بعد ۾ ڪائونسل جي سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ڪئي، جسٽس عمر عطا بنديال درخواستگذار جج کي مخاطب ٿيندي چيو ته ان رپورٽ جي ڪاپي اوهان کي فراهم ڪئي ويندي، سرينا عيسيٰ کوسو دليل جاري رکندي چيو ته لنڊن ۾ جنهن وقت ملڪيت خريد ڪئي وئي ان وقت منهنجا ٻار بالغ ۽ نوڪرين وارا هئا، هن ملڪ ۾ شهزاد اڪبر ۽ عمران خان متوازي حڪومت هلائي رهيا آهن، اڳوڻي چيئرمين جهانزيب خان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف تحقيقات جي منظوري نه ڏني جنهن تي کيس عهدي تان هٽايو ويو، جسٽس عمر عطا بنديال کيس چيو ته اوهان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته هي عدالت ريفرنس کي ڪالعدم قرار ڏئي چڪي آهي، اوهان جا سمورا دليل ريفرنس جي خلاف آهن، اوهان پنهنجا دليل صرف ايف بي آر جي حد تائين محدود رکو، جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي اڄ اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.