ڪراچي (نمائندن وٽان)ڪورونا جا ڪلور جاري،ڪي پي جي اڳوڻي آءِ جي ناصر دراني سميت 73 شهري فوت، 5152 نوان ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته ملڪ ۾ ڪورونا شرح 8.56 ۽ مردان ۾ 45 سيڪڙو رهي، ڀارت ۾ ڪورونا جو نئون قسم ظاهر ٿيڻ بعد ڀارتي شهرين جي جهاز ۽ زمين رستن وسيلي 15 ڏينهن لاءِ پاڪستان ۾ داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڀارت کي سي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا 3 حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 737 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته هن وقت 8230 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي، جن مان 7818 گهرن، 9 آئسوليشن سينٽرن ۽ 403 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن.  هن وڌيڪ چيو ته 372 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 42 مريضن کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ 398، حيدرآباد ۾ 102، شڪارپور ۾ 58، لاڙڪاڻي ۾ 39، قمبر ۾ 15، ٺٽي ۾ 13، مٽياري، شهيد بينظير آباد ۽ نوشهري فيروز ۾ 12، سجاول ۾ 11، گهوٽڪي ۽ ٽنڊي الهيار ۾ 9-9، دادو ۽ جيڪب آباد ۾ 8-8، بدين ۽  ڄامشوري ۾ 7-7، ٽنڊي محمد خان ۾ 5، خيرپور، سکر ۽ ميرپورخاص ۾ 3-3، سانگهڙ ۾ 2 ۽ عمرڪوٽ ۾ هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي. هوڏانهن ڪورونا ۾ مبتلا ڪي پي جو آءِ جي رهندڙ ناصر دراني زندگي جي جنگ هارائي ويو، دراني کي هفتو اڳ ميو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، ٻئي طرف پ پ ايم پي اي فريال ٽالپر ڪراچي آرٽس ڪائونسل پهچي ڪورونا ويڪسين جو ٻيو ڊوز لڳرايو، هوڏانهن نئين ديري جي گورنمينٽ بوائز هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ نائين ڪلاس جي ٽن شاگردن کي ڪورونا هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جن کي پنهنجن گهرن اندر آئسوليٽ ڪيو ويو آهي.