ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت تازو 18هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ 8 سيڪشن آفيسرن کي ڊپٽي سيڪريٽري طور مقرر ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ نسيم عباسي ۽ عبدالله ڏاهري کي صحت کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آھي. امتياز خشڪ جون خدمتون تعليم ۽ عاصم خان جون خدمتون پلاننگ کاتي حوالي ڪيون ويون آھن. ڪريم ملڪ ۽ اشرف آرائين کي اسڪول مينيجمينٽ ڪيڊر ۾ حيدرآباد ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نصرالله ماڪو کي وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آھي..