ٺٽو ( رپورٽر ) ڪينجھر ڍنڍ ۽ ان جي 14 کان مٿي مياڻين جي رهواسي مهاڻن تازين برساتن سبب بک ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي مقامي مهاڻن پاران فقير ھاشم منڇري ملاح، فقير رفيق، فقير احمد منڇري، عبدالحميد منڇري، محمد خان ملاح ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪينجھر تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي جڏهن ته ان موقعي تي ملاح اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته تازو پيل برساتن سان گڏ آيل تيز طوفان سندن روزگار جو وسيلو رڇ ۽ ڍنڍ ۾ لڳل ڀن بہ ٽوڙي ختم ڪري ڇڏيا اھن، جنھن ڪري کين وڏو نقصان پھچڻ سان گڏ ھاڻي انھن ۾ ايتري سھپ ناھي رھي جو ھو رڇ خريد ڪري سگھن هنن چيو ته سندن برسات سبب گذر جا وسيلا ختم ٿي ويا آهن ۽ هنن جا  بيروزگاري سبب ٻچا لنگھڻ ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آھن. ھنن چيو تہ برسات بعد سندن ڳوٺن ۾ مڇرن جو آزار بہ وڌي ويو آھي، جن بہ سندن جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آھي، ھنن گھر ڪئي تہ سندن ڳوٺ پڪا ڪري کين سموريون بنيادي سھولتون ڏيارڻ سان گڏ کين رڇ، ٻيڙيون، مشينون مھيا ڪري ننڍا قرض فراھم ڪيا وڃن.