ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ نوجوان پوليس ۾ آفر آرڊر نه ملڻ خلاف صدام حسين مري، شهزادو بهلڪاڻي  احتجاج ڪندي چيو ته ڊوڙ، رٽرن، وائي واز پاس ڪري چڪا آهيون پر لسٽ ۾ اسان جا نالا نه آهن.لسٽ ۾ من پسندن جي نالا ظاهر ڪري کين پئسن عيوض نوڪريون ڏنيون ويون آهن،هنن جو چوڻ هو ته اسانجو قصور اهو آهي ته اسان غريب مسڪين خاندان سان تعلق رکندڙ مڊل ڪلاس نوڪري لاءِ پئسا نه هجڻ ڪري اسان کي فيل ڪيو ويو آهي.