نصرپور (ن پ ا) نصرپور ۾ هڪ ڏينهن اندر 2 موٽرسائيڪلون ۽ هڪ پاڻي وارو موٽر چوري ٿي ويون آهي. ان ڏس ۾ ﷲ والا چونڪ وٽ پير عبدالقادر شاهه جي ماتمي جلوس ۾ آيل  يار محمد بھراڻي جي سي ڊي سيونٽي موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي،  جڏهن ته اڳوڻي ڊي ايس پي ٽنڊوالھيار علي اڪبر سمون جي پٽ سرمد سمون جي گهر اڳيان بيٺل گريس ڪمپنيءَ جي موٽر سائيڪل چاٻي چور ڪاھي ويا. بسم الله سٽي مان گيان مينگواڙ جو پاڻيءَ وارو موٽر چوري ڪري ويا، چورين جي وڌندڙ وارداتن باوجود پوليس ڪي به قدم نه کنيا آهن.